SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اساسي نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اساسي نظريو

Classical Approach

ڪلئسيڪل اپروچ

بين الا قوامي معاملن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو هڪ رويو/طريقو، جنهن ۾لاڳاپيل حالتن ۾ عالمي مامرن جو بيان ۽ تجزيو ڪرڻ سان گڏ ، بين الاقوامي تنظيمن ۽ رياستن لاءِ انهن وسيلن ۽ رستن جي چٽائي ڪرڻ آهي ، جن سان کين عالمي مامرن کي سمجهڻ ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي . هن طريقي جون پاڙون سائنسي ڇنڊ ڇاڻ بجاءِ فيلسوفيءَ ، بين الاقوامي قانون ، تاريخ ، سفارتڪاريءَ جي علم ۽ اداراتي سوچ ۾ کُتل هونديون آهن ، جنهن ڪري ڪيل تجزين کي نه رڳو درست ثابت ڪرڻ ڏُکيو هوندو آهي ، پر ذاتي ادراڪ ۽اندازن تي بيٺل هئڻ ڪري انهن جو تُزُ هجڻ به ممڪن نه هوندو آهي . هي علمي رويو روايتي ، ڪيفيتي ۽ ذاتي ڪاٿي تي ٻڌل هئڻ ڪري ، عام طور عالم جي مرتبي ، سندس راءِِ بابت عام مڃتا ،سندس طرفان ٿيل تحقيق جي ڪَٿَ ، بيان ۽ بحث جي انداز ۾ چٽائيءَ يا دل ڇُهندڙ فيلسوفياڻي دليل بازيءَ جي ذريعي پڌرو ٿيندو آهي . ’سائنسي طريقي‘ جي اچڻ کان اڳ بين الاقومي معاملن بابت هيءَ تجزياتي روش ، وڏن وڏن عالمن تي حاوي رهي ۽ ان ٻن اهم فڪري روين ’خيال پسندي‘ ۽ ’حقيقت پسنديءَ‘ ذريعي عالمي لاڳاپن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي . جديد دور ۾ ان کي تاريخي ،فيلسوفياڻي ، قانوني ۽ اداراتي روين ذريعي بيان ڪري سگهجي ٿو . اهو رويو ماضيءِ يا ڪنهن مخصوص دور تي ٻڌل ادارن ( جهڙوڪ رياست ، حڪومت ۽ سياسي پارٽيون وغيره ) جو جائزو وٺي ، نئين دور کي پراڻي پس-منظر ۾ ڏسڻ تي زور ڏئي ٿي


Remember Me Also:

ڏلو

ذ. مِٽي وغيره کڻڻ لاءِ تيلين جي ڇلي ، ڏَلهو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal